SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عالمي شهري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


عالمي شهري

World Citizen

ورلڊ سٽيزن

هن تصور جا گهڻا پاسا آهن، پرسڀ کان مشهور وضاحت مطابق ڪو به اهڙو شخص، جيڪو روايتي جاگرافيائي سڃاڻپ تي بيٺل شهريت کي رد ڪندي سڄي دنيا کي انسانن جو گهر سمجهي، ته اهڙي شخص کي ”عالمي شهري“ سمجهيو وڃي ٿو. هي تصور قديم دور کان انتهائي مشهور رهيو آهي. قديم يونان جو ناميارو فيلسوف سُقراط چوندو هو، ”مان ايٿينس جو باشندو نه پر عالمي شهري آهيان“ ساڳي طرح اڄوڪي آمريڪا جي بانيڪارن مان هڪ مُفڪر ”ٽامس پئين“ جو به قول آهي ته: ”سڄي دنيا منهنجو ملڪ آهي، سڀ انسان منهنجا ڀائر آهن ۽ منهنجو مذهب سڀ سان ڀلائي آهي.“ ان حوالي سان دنيا جي ڪيترن عظيم مفڪرن ۽ ڏاهن هن خيال مطابق زندگي گهارڻ جي وڪالت ڪئي آهي. پر حقيقت ۾ اڄوڪي دور ۾ مسلسل تبديل ٿيندڙ سياسي توڙي ٽيڪنيڪي صورتحال جي سوجهي رکندي، انساني ڏاهپ جي سدا بهار واهڙ جو حصو بڻجڻ ۾ ئي ”عالمي شهريت“ حاصل ڪرڻ جو راز سمايل آهي. يعني جدا سرحدن جي قيد ۾ رهندي ، انسانذات جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ ايمانداريءَ سان جاکوڙ ڪندي، حاصل ٿيل نتيجن کي سڄي انسانذات تائين پهچائڻ ۽ ان جي ڏکن سکن ۾ ڀائيواري ڪرڻ جو عمل ”عالمي شهري“ هئڻ جو اعزاز بخشي ٿو. بهرحال، اڄ به هيءُ هڪ خيالي تصور آهي، حقيقت جي دنيا ۾ ڪوبه اهڙو قانون پيدا نه ٿي سگهيو آهي، جيڪو ڪنهن به انسان کي عملي طور جاگرافيائي پابنديون اورانگهڻ جي اجازت ڏيئي سگهي


Remember Me Also:

ڦيڱڻي

ڦوڱڻي ، ڦولهڙي ، ڦولڙي ، پولڙي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal